جاني خان گبول

جاني خان گبول: جاني خان ولد ڌڱاڻو فقير گبول، انگريز دور ۾ سماج سڌارڪ، سگهڙ ۽ سخي مڙس ٿي گذريو آهي، هن 1880ع ڌاري تعلقي ڏهرڪيءَ جي ديهه ابراهيم پتافيءَ ۾ ڳوٺ ٻڌو، جيڪو اڄ به سندس نالي سان ڳوٺ ’جاني گبول‘ سڏجي ٿو. هن انگريزن خلاف جنگ ۾ ٽالپرن جي مدد ڪرڻ جي الزام ۾ ڪيترا مهينا جيل به ڪاٽيو. سندس ڀاءُ ڪيوڙي گبول کي نوڪريءَ مان هٽايو ويو ۽ سندس ڀاڻيجو ايوب گبول انگريزن جي پوليس هٿان جيل ۾ شهيد ڪيو ويو. خان گبول'>جاني خان گبول جو والد ڌڱاڻو فقير سنڌيءَ جو هڪ سٺو لوڪ شاعر هو، ڪيترائي مريد هئس، ٽالپر دور جي هن بزرگ هستيءَ جا لکيل دعائيه نظم سندس پونئيرن وٽ اڄ به محفوظ آهن. جاني خان جو ماروٽ بجر خان گبول، حر تحريڪ دوران ساڍا چار سال پنهنجن ٻارن ٻچن سميت لوڙهي ۾ قيد رهيو، حر گوريلا ڪمانڊر قبول خان گبول پڻ جاني خان جو عزيز هو. سندس پوٽو لعل محمد ولد پيارو خان سنڌ جو ڪلاسيڪل راڳي ٿي گذريو آهي، ان کانسواءِ صوفي فقير مختيار علي گبول به هن خاندان مان هو، جيڪو سٺو راڳي، شاعر ۽ سماج سڌارڪ هو. جـاني خـان جي وارثن مان علي حسن گبول هن وقت ’سنڌ هاري ڪاميٽيءَ‘ جو ضلعي صدر آهي. نوجوان تعليمي ماهر غلام علي گبول ۽ سماجي اڳواڻ شبير احمد گبول به هن خاندان مان آهن.



لفظ جاني خان گبولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو